رهنمائي شاعري1

رهنمائي شاعري1

رهنمائي شاعري1

رهنمائي شاعري1 (ڪتاب): رهنمائي شاعري، نامور شاعر ابراهيم ’خليل‘ جي تصنيف آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جي فن جي تاريخ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي. نون شاعرن کي شاعريءَ جي صحيح ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هن ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي ۾ شاعريءَ جي وصف ۽ حقيقت بيان ڪيل آهي، جنهن ۾ الطاف حسين حاليءَ جي مقدمي جي طرز تي شاعريءَ جي فن ۽ صنفن جو تعارف ڪرايو ويو آهي. شاعريءَ جي صحيح ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مختلف نون بابن ۾ هر ڳالهه کي الڳ الڳ بيان ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ خود لکيو آهي. هي ڪرائون سائيز ڪتاب 87 صفحن تي مشتمل آهي، ڪتاب جي قيمت سوا روپيو آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1956ع ۾ سنڌي ادبي مرڪز حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو